آبي چڪر (The Water Cycle, Sindhi)
لفظ "آبي چڪر" مان ايئن ٿو محسوس ٿي ته اهو ڌرتيءَ تي، ۾، ۽ مٿان پاڻيءَ جي چرپر بابت آهي. حقيقيت به ايئن ئي آهي. پر در اصل، جيترو پاڻي ان چڪر ۾ حرڪت ڪري رهيو آهي، ان کان گھڻو وڌيڪ پاڻي تمام ڊگھن عرصن لاءِ ذخيرو ٿيل آهي. ڌرتيءَ تي موجود پاڻيءَ جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا ساگر آهن، جن ۾ ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو تمام وڏو اڪثريتي حصو سانڍيل آهي. هڪ اندازي مطابق ڌرتيءَ تي موجود پاڻيءَ جو ڪل مقدار 33 ڪروڙ 25 لک ڪعبي ميل يا 1 ارب 38 ڪروڙ 60 لک ڪعبي ڪلوميٽر آهي، جنهنجو 96.5 سيڪڙو، يعني ته اٽڪل 32 ڪروڙ 10 لک ڪعبي ميل يا 1 ارب 33 ڪروڙ 80 لک ڪعبي ڪلوميٽر ساگرن ۾ ذخيرو ٿيل آهي. اهو اندازو پڻ لڳايو ويو آهي ته آبي چڪر ۾ موجود پاڻيءَ جو 90 سيڪڙو اٻڪاريءَ ذريعي ساگرن مان ملي ٿو.
سمنڊن ۽ ساگرن جو پاڻي لُوڻاٺيل (کارو) آهي، پرلفظ "لُوڻاٺيل پاڻي" مان اسان جي ڪهڙي مراد آهي؟ لُوڻاٺيل پاڻيءَ ۾ لوڻ جو تمام وڏو مقدار ڳريل هُوندو آهي. ان صورت ۾، پاڻيءَ اندر لوڻ جي (وزن وار) مقدار کي ڳوڙهائيconcentration سڏيو ويندو آهي ۽ ڀاڱا في ملين (ڀفم) parts per million (ppm) ۾ ماپيو ويندو آهي. ان پاڻيءَ کي لُوڻاٺيل سمجھيو ويندو آهي جنهن ۾ ڳريل لوڻ جي ڳوڙهائي 1000 ڀفم کان وڌيڪ هجي؛ جڏهن ته سامونڊي پاڻيءَ ۾ 35 هزار ڀفم لوڻ ٿيندو آهي.
يقيناً، آبي چڪر جو ڪو به حصو مستقل يا جٽادار نه آهي، ويندي ساگرن منجھه پاڻيءَ جو مقدار به نه. سامونڊي پاڻيءَ جو مقدار ڪجھه سَو سالن جي مختصر مُدي ۾ ڪو خاص نه ٿو بدلجي. پر ڊگھي مُدي ۾ اهو ضرور بدلجي ٿو. مثال طور، رڳو هزار سال اڳ جڏهن نارمنڊي (فرانس) جي وليم انگلستان تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هُن پنهنجا ٻيڙا هيسٽڱس تي لنگر انداز ڪيا، جيڪو اڄ کڻي ڪي ٿورا ئي ميل اندر آهي، پر تڏهن هڪ ساحلي شهر هو. ڪجھه هزار سال اڳ ماڻهو اڄ زير آب ٿيل بيرڱ ڳچي سمنڊ strait ٽپي ايشيا کان اتر آمريڪا ويا هئا، جيڪو تنهن وقت خشڪ بر هو.
ٿڌڙن آبهوائي عرصن (ٿڌيءَ) دوران وڌيڪ برفي تهه ۽ برفال (برفاني جبل) Glacier ٺهندا آهن، ۽ ڪل ارضياتي پاڻيءَ جو ايترو ته ڀاڱو برف جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي جو آبي چڪر جي ٻين حصن ۾ پاڻي چڱو گھٽجي ويندو آهي. جڏهن ته نسبتاً گرم آبهوائي عرصن (تتيءَ) ۾ صورتحال ان جي ابتڙ هوندي آهي. پوئين برفاني دور ۾ ڌرتيءَ جي ڪل خشڪ ايراضيءَ جو ٽيون ڀاڱو برفالن سان ڍڪيل هو، جنهن ڪري سامونڊي مٿاڇرا پنهنجي اڄوڪي سطح کان 400 فوٽ يعني 122 ميٽر هيٺ هئا. پوئين ارضياتي تتيءَ warm spell دوران، يعني اٽڪل 1 لک 25 هزار سال اڳ، سامونڊي مٿاڇرا پنهنجي اڄوڪي سطح کان لڳ ڀڳ 18 فوٽ (5.5 ميٽر) مٿي يعني اُوچا هئا. اڄ کان 30 لک سال اڳ سامونڊي مٿاڇرا پنهنجي اڄوڪي سطح کان 165 فوٽ (50 ميٽر) اُوچا هوندا.
بلڪل، ساگر هر وقت حرڪت ۾ رهن ٿا. چنڊ روزانه ڇولين تي اثر انداز ٿي ٿو. اهي ڇوليون سمنڊ ڪناري کي اسان لاءِ دلچسپ ۽ سير و تفريح لائق بڻائين ٿيون. ڇوليون جاءِ جاءِ مختلف ٿين، ۽ ڪن هنڌن تي ته ڪافي ڏسڻ وٽان ٿين ٿيون. بلند ترين ڇوليون اتي ٿينديون آهن جتي ساحلي ڇاڻ estuaries بنديل آهن، جهڙوڪ نووا اسڪوٽيا ڪيناڊا جو فنڊي ساحل، ڪيوبيڪ جو انگاوا ڪنارو، ۽ برطانيه جو برسٽول چينل. سال جي ڪن عرصن دوران فنڊي ساحل تي بلند ترين ڇوليون 53 فوٽ (16 ميٽر) ٿين.
جيڪڏهن توهان سمنڊ بيزار seasick يا هانوَ ڪچا رهيا آهيو (اسين اميد ٿا ڪريون ته نه) ته توهان کي چڱيءَ ريت خبر هوندي ته سمنڊ ڪڏهن به ماٺو نه هوندو آهي. توهان اهو سمجھندا هوندا ته سامونڊي پاڻيءَ کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ منتقل ڪرڻ واريون ويرون ئي آهن، جن کي واچُون (تيز سامونڊي هوائون) تحرڪ وٺائين ٿيون. پر، در حقيقت، ساگرن منجھه واهه ۽ درياءَ به آهن جيڪي پاڻيءَ جا تمام وڏا مقدار هڪ کان ٻي جاءِ پهچائين ٿا. پاڻيءَ جي اهڙي چرپر جا آبي چڪر تي گهرا اثر پون ٿا. ڪُوروشيو واهه اهڙو وڏي ۾ وڏو وهڪرو آهي جيڪو جاپاني ساحلن ڀرسان لنگھي ٿو. اهو 25 کان 75 ميل (40 کان 121 ڪلوميٽر) في ڏينهن، يعني 1 کان 3 ميل (1.4 کان 4.8 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان پاڻيءَ کي چوري سگھي ٿو ۽ اهو ڪي 3300 فوٽ (1 ڪلوميٽر) اُونهو آهي. نار وهڪرو ايٽلانٽڪ ساگر منجھه هلڪي گرم پاڻيءَ جو مشهور درياءُ آهي، جيڪو ميڪسيڪو جي نار کان برطانيه ڏانهن پاڻي کڻي وڃي ٿو. 60 ميل (97 ڪلوميٽر) في ڏينهن جي رفتار سان هلندي، نار وهڪرو دنيا جي مڙني دريائن، ندين، ۽ نئيُن کان 100 ڀيرا وڌيڪ پاڻي چوري ٿو. گرم آبهوا کان ايندي، نار وهڪرو اتر ايٽلانٽڪ تي ڪوسڙو پاڻي پهچائي ٿو. تنهنڪري ڪارنوال Cornwall جي آبهوا نسبتاً سازگار آهي — تصوير ۾ کجيءَ جا وڻ ڏسو! ايمانداريءَ واري ڳالهه اها آهي ته اهي وڻ کجيءَ جو سخت جان قسم آهن، جيڪي ٿڌي آبهوا برداشت ڪري سگھن ٿا، پر تنهن هوندي به انهن وڻن جي موجودگي هڪ سازگار (مهربان) آبهوا جي موجودگيءَ جو تاثر ضرور ڏي ٿي.
هيءُ خاڪو ايٽلانٽڪ ساگر جا مٿاڇراتي گرمي پد ڏيکاري ٿو. اهي اعداد dataناسا NASA جي اپگرهي مشاهدن satellite observations مان حاصل ڪيا ويا آهن. ٿڌا پاڻي گهرن رنگن ۾ ڏيکاريا ويا آهن، جڏهن ته پيلو ۽ نارنگي وري تيز يعني ڪوسي ترين گرمي پد جي نشاندهي ڪن ٿا. نار وهڪرو ڪوسڙي پاڻيءَ جي ريلي وانگر نظر اچي رهيو آهي، جيڪو اتر آمريڪا جي ساحل سان لڳولڳ اتر طرف ۽ اڀرندي پاسي وسطي ايٽلانٽڪ ساگر ڏانهن وڌي رهيو آهي. سفر دوران نار وهڪرو پنهنجي گرمي فضا atmosphere ۾ ڇڏيندو رهي ٿو ۽ ساگر مٿان موجود هوا کي گرمائيندو وڃي ٿو. ڪارنوال ۽ سندس کجيءَ جا وڻ لنڊن شهر جي بلڪل اولهه ۾ واقع آهن. جيڪڏهن توهان اولهه ڏانهن هڪ ليڪ ڇڪيندا ته توهان ڪيناڊا جي شهر نيوفائونڊلينڊ Newfoundland تي وڃي ڇيهه ڪندا. ڪارنوال ۽ نيوفائونڊلينڊ ڀلي کڻي ساڳي ويڪرائي ڦاڪ تي هجن پر توهان کي ڪيناڊا ۾ هڪ به کجيءَ جو وڻ نسرندو نظر نه ايندو. (ذريعو: ناسا: ڌر مشاهديگاهه. خاڪو: رابرٽ سائمن)
ارضياتي پاڻيءَ جي ورڇ جو هڪ ڪاٿو | |||
---|---|---|---|
آبي ذريعو | آبي مقدار، ڪعبي ميلن ۾ | آبي مقدار، ڪعبي ڪلوميٽرن ۾ | ڪل پاڻيءَ جو سيڪڙو |
ساگر، سمنڊ ۽ ڪنارا | 321,000,000 | 1,338,000,000 | 96.5% |
ڪل ارضياتي پاڻي | 332,500,000 | 1,386,000,000 | — |
ذريعو: پي ايڇ گليڪ، 1996ع :انسائيڪلوپيڊيا آف ڪلائيميٽ اينڊ ويدر (آبهوا ۽ موسم جو ڄاڻ چيڪلو) ۾ واٽر ريسورسز (آبي وسيلا) ايڊيٽر: ايس ايڇ شنيڊر، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، نيو يارڪ،ڀاڱو 2 صفحا 823 -817.
ذريعا ۽ مزيد معلومات
سامونڊي حقيقتون ۽ انگ اکر، ساگر 98 پيڙهڪا
ھيءُ سنڌي ترجمو اوسر پيڙھڪا پاران جناب احسان احمد عرساڻيءَ ميسر ڪري ڏنوآھي
Sindhi translation has been provided by Mr. Ahsan Ahmad Ursani on behalf of Osar Foundation
ث – ٺالاءُ
پ – فضا ۾ موجود پاڻي ج – اٻڪبدلتڳاءُ ڄ – نئين آب جھه – دريائي وهڪرا ڃ – چشما چ – تازو پاڻي ذخيرو ڇ – ٻاڦڪاري |