آبي چڪر (The Water Cycle, Sindhi)
اٻڪاري اهو عمل آهي جنهن سان پاڻي پنهنجي پٽڙي حالت ڇڏي اُٻَ واري يعني گيسي حالت اختيار ڪري ٿو. اُٻَڪارِي ئي اهو بنيادي رستو آهي جنهن وسيلي پاڻي پٽڙي حالت مان نڪري فضائي اٻ جي صورت وٺندي واپس آبي چڪر ۾ داخل ٿيندو آهي. تحقيق ٻڌائي ٿي ته فضا ۾ موجود ماڪ جو 90 سيڪڙو اُٻَڪاريءَ ذريعي ساگر، سمنڊ، ڍنڍون ۽ درياءَ ميسر ڪري ڏين ٿا، جڏهن ته باقي 10 سيڪڙو بدل تڳاءَ transpiration ذريعي ٻوٽن مان ملي ٿو.
آبي اٻ جو تمام ٿورو مقدار ٻاڦڪاريءَ sublimation ذريعي فضا ۾ داخل ٿي ٿو. آب يعني پاڻيءَ جو نهري حالت (برف يا ڳڱ) مان گيسي حالت ۾ وڃڻ ٻاڦڪاري سڏائيندو آهي. اهڙو عمل اڪثر پٿريلن ٽڪرن تي تڏهن پيش ايندو آهي، جڏهن سياري جي پڇاڙيءَ يا بهار جي ابتدا ۾ چينُوڪ سڏجندڙ خشڪ ۽ گرم هوائون لڳنديون آهن. چينُوڪ جيئن ئي لڳنديون آهن، تئين ئي ڪجھه ڪلاڪن اندر علائقي جو گرمي پد وڌي ويندو آهي. جڏهن اهي خشڪ هوائون ڳڱ سان ٽڪرائجنديون آهن، تڏهن ڳڱ پٽڙي حالت واري مرحلي مان گذرڻ بنا ئي سڌو سنئون ٻاڦ جي حالت ۾ هلي ويندي آهي. خشڪ آبهوا رکندڙ علائقن ۾ ڳَڱَ اڪثر ڪري ٻاڦڪاريءَ ذريعي تڪڙي غائب ٿي ويندي آهي. (ذريعو: ڪوهه واشڱٽن مشاهديگاهه)
اٻڪاريِ عملپذير ٿيڻ لاءِ گرميءَ (توانائي) جو هوڻ لازمي آهي. اها توانائي انهن ٻنڌن Bonds کي ٽوڙڻ ۾ ڪم ايندي آهي، جيڪي آبي پرماڻن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکن ٿا. ان ڪري ئي ته پاڻي ٽهڪڻ پد (212°F, 100° C) تي تڪڙو ۽ ڄمڻ پد تي آهستگيءَ سان اٻجندو آهي. صافي net اُٻَڪاري تڏهن عمل ۾ ايندي آهي جڏهن اٻڪاريءَ جي شرح ٺالاءُ جي شرح کان وڌي ويندي آهي. هڪ نقطي تي اچي ٻنهي عملن جي شرح برابر ٿي ويندي آهي، تڏهن هوا ۾ گھم 100 سيڪڙو ٿي ويندي آهي. ٺالاءُ، يعني ته اٻڪاريءَ جو ابتڙ، تڏهن زير عمل ايندو آهي جڏهن رچيل saturated هوا جو گرمي پد گھٽجي ماڪَ پد dew point (اهو گرمي پد جنهن تي داٻ بدلجڻ کان سواءِ ئي هوا پاڻيءَ سان رچي وڃي) کان به هيٺ لهي ويندو آهي؛ بلڪل ايئن جيئن برف سان ڀريل گلاس جي ٻاهران هوا ۾ موجود اُٻَ ٺالجي پاڻي ٿي ويندي آهي. در حقيقت، اٻڪاريءَ جو عمل ماحول مان گرمي خارج ڪري ٿو، تڏهن ته پنهنجي چم تان پاڻي اٻجڻ سان توهان ٿڌ محسوس ڪندا آهيو.
آبي چڪر جو مٿاڇري-کان-فضا وارو حصو بنيادي طور ساگرن مان ٿيندڙ اٻڪاريءَ تي آڌاريل آهي. نيٺ به اها وسيع سامونڊي پکيڙ آهي (ڌرتيءَ جو 70 سيڪڙو مٿاڇرو سمنڊن ۽ ساگرن سان ڍڪيل آهي) جيڪا ايڏي وڏي پيماني تي ٿيندڙ اٻڪاريءَ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ارضياتي پيماني تي جيترو پاڻي اٻجي ٿو، اوترو ئي پاڻي وسڪارَ جي صورت ۾ ڌرتيءَ کي ملي ٿو. البت صورتحال جاءِ جاءِ تي مختلف آهي. ساگرن مٿان وسڪارَ جي نسبت اٻڪاري گھڻي ٿي ٿي جڏهن ته خشڪيءَ تي وري عموماً اٻڪاريءَ کان گھڻي وسڪارَ ٿي ٿِي. ساگرن مان جيڪو پاڻي اٻجي ٿو، تنهن جو 90 سيڪڙو وسڪارَ جي صورت ۾ واپس وڃي ساگرن ۾ ئي پوي ٿو. ساگرن مان اٻيل پاڻيءَ جو رڳو 10 سيڪڙو وسڪارَ جي صورت ۾ خشڪيءَ تي ڪِري ٿو. ڪو آبي پرماڻو هڪ دفعو اُٻجڻ کان پوءِ 10 ڏينهن هوا ۾ گذاريندو آهي. اٻڪاريءَ جو عمل ايترو ته شديد آهي جو وسڪارَ ۽ جرگاهن مان اخراج نه هجي ته سمنڊ خالي ٿي وڃن.
ماٺيڻين مندن جي نسبت تيز هوائن وارين مندن ۾ اٻڪاري گھڻي ٿي ٿِي. جڏهن هوا بيٺل ٿي ٿي، تڏهن اُٻيل پاڻي به آبگاهه جي ويجھو ئي رهي ٿو جيئن تصوير ۾ نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته واچُون يا واءُ لڳڻ سان آبگاهن ويجھو اها گھميل هوا پرتي ڌڪجي ويندي آهي ۽ ان جي جاءِ خشڪ هوا والاريندي آهي، جنهن سان اڃا وڌيڪ اٻڪاري ٿيندي آهي.
جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻيٽ ۾ اڪيلا رهجي ويا هجو ۽ توهان کي لوڻ جي ضرورت هجي ته هڪ وٽو کڻو، ٿورو سامونڊي پاڻي ڀريو ۽ پوءِ پاڻيءَ کي اس تي اٻجڻ لاءِ رکو. در حقيقت اهو طريقو انسان هزارن سالن کان استعمال ڪندو پيو اچي ۽ گھرو استعمال لاءِ لوڻ جي پيداوار اڄ به گھڻو تڻو اُٻڪار تلائن ۾ ئي ٿيندي آهي.
اٻڪاريءَ ذريعي رڳو لوڻ ئي حاصل نه ٿو ٿي. سامونڊي پاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي معدنياتون پڻ آهن جيڪي اٻڪاريءَ ذريعي بآساني حاصل ڪري سگھجن ٿيون. وچ اوڀر ۾ ڳرو سمنڊ نالي هڪ ڍنڍ واقع آهي. ان ڍنڍ مان پاڻيءَ جي نيڪال جو بنيادي ۽ مک رستو اٻڪاري آهي، جيڪا بياباني علائقن ۾ چڱي تڪڙي ٿي سگھي ٿي – 1300 کان 1600 مليميٽر في سال. نتيجتاً ڳري سمنڊ جي لوڻاٺ ۽ گھاٽائي دنيا جي ڪنهن به سمنڊ کان گھڻي آهي – ايتري جو منجھس جياپو ممڪن ناهي. اهڙو پاڻي اُٻَڪار تلائن جي مڪانيت لاءِ موزون آهي، جن مان نه رڳو گھرو استعمال وارو لوڻ بلڪه ميگنيشم، کار potash، ۽ ڳاڙهرو bromine پڻ ڪڍي سگھجن ٿا.
(ذريعو: وچ اوڀر جي آبي وسيلن جو اڀياس، وچ اوڀر پاڻي اعدادخانا رٿا).
اسان اڳي چئي چڪا آهيون ته اٻڪاريءَ سان ماحول مان گرمي نڪري ٿِي، جنهن سان صافي ٺار ٿي ٿو. ٿورو ياد ڪريو! توهان جي ٻانهن ان وقت ڪيتري نه ٿڌي ٿي ويندي آهي جڏهن ڊاڪٽر توهان کي ڀوائتي سُئي هڻڻ کان پوءِ ٻانهن کي الڪوحل سان مهٽيندو آهي. ٿوري گھمَ ۽ گھڻو گرمي پد رکندڙ آبهوائن ۾ ڪو اُٻَڪار هوا ٺار evaporator air cooler ، جهڙوڪ آبِي ٺار swamp cooler گرمي پد ۾ 20 فارنهائيٽ درجا گھٽتائي آڻي سگھي ٿو، البت اهو گھمَ وڌائي ٿو. هيءُ نقشو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ اهڙن خشڪ علائقن جي نشاندهي ڳاڙهي رنگ ۾ “الف” سان ڪري ٿو جتي اُٻَڪارِڪ هوا ٺارevaporative air coolers بهترين ڪم ڪن ٿا. اهي علائقا جتي اُٻڪارِڪ هوا ٺار ڪنهن حد تائين چڱو ڪم ڪن ٿا تن کي نيري رنگ ۾ "ب" سان ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته “ج” سان ظاهر ڪيل اڀرندي آمريڪا جي گھميل علائقن ۾ عام آبهواساز air conditioner ئي استعمال ڪرڻ گھرجي.
ھيءُ سنڌي ترجمو اوسر پيڙھڪا پاران جناب احسان احمد عرساڻيءَ ميسر ڪري ڏنوآھي
Sindhi translation has been provided by Mr. Ahsan Ahmad Ursani on behalf of Osar Foundation
ث – ٺالاءُ
پ – فضا ۾ موجود پاڻي ج – اٻڪبدلتڳاءُ ڄ – نئين آب جھه – دريائي وهڪرا ڃ – چشما چ – تازو پاڻي ذخيرو ڇ – ٻاڦڪاري |