آبي چڪر (The Water Cycle, Sindhi)

آبي چڪر (The Water Cycle. Sublimation, Sindhi)

آبي چڪر: ٻاڦڪاري

جيڪڏهن مادو نهري حالت مان نڪري پٽڙي حالت مان گذرڻ بنا ئي گيسي حالت اختيار ڪري وٺي ته حالت جي اهڙي تبديليءَ کي ٻاڦڪاري چئجي ٿو. آبي چڪر جو مطالعو ڪندڙن لاءِ برف يا ڳڱ جو پاڻي ٿيڻ کان سواءِ ئي هوا جي اُٻَ ٿي وڃڻ ٻاڦڪاري آهي. ٻاڦڪاريءَ جو ضد ڳڱڪاري آهي، جنهن تحت آبي اُٻَ حالت مٽائي برف ٿيو وڃي – جيئن ڳڱَ پاپڙيون ۽ يخَ !

دراصل ٻاڦڪاري ٿيندي ڏسڻ آسان ناهي، گھٽ ۾ گھٽ برف جي ته بلڪل به نه! ٻاڦڪاريءَ جا نتيجا ڏسڻ جو هڪڙو طريقو اهو آهي ته هڪ آلي قميص کڻي سڪائڻ لاءِ ٻاهر ان ڏينهن ٽنگجي جڏهن گرمي پد ڄمڻ پد کان به گھٽ هجي.  نيٺ قميص جي برف غائب ٿي ويندي. اصل ۾، ٻاڦڪاري ٿيندي ڏسڻ جو بهترين طريقو اهو آهي جو پاڻي بلڪل به استعمال نه ڪجي، بلڪه پاڻيءَ بدران ڏون آڪسِيوَر ڪاربان CO2 استعمال ڪجي. جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڳالهه سمجھه ۾ نه پئي اچي ته پوءِ خشڪ برف جي هِيءَ تصوير ڏسو. خشڪ برف در حقيقت نهري حالت ۾ ڄميل ڏون آڪسِيوَر ڪاربان آهي، جيڪا تيز ٿڌ ۾ يعني ڪاٽو 78.5 درجا سينٽيگريڊ يا ڪاٽو 109.3 درجا فارنهائيٽ تي ٻاڦجي ٿِي يعني گيس ٿي وڃي ٿي. توهان جيڪو ڌنڌ ڏسندا آهيو اهو اصل ۾ ٿڌي ڏون آڪسيور ڪاربان ۽ ٿڌي گھميل هوا جو گڏوچڙ آهي، جيڪو خشڪ برف جي رجڻ ... چُه چُه منهنجو مطلب ته ٻاڦجڻ سان ٺهي ٿو.

ڪي موسمياتي حالتون ٻاڦڪاريءَ لاءِ تمام موزون ٿين ٿيون، جهڙوڪ ٿوري نسبتي گھمَ ۽ خشڪ واءُ. بلند ماڳن تي پڻ ٻاڦڪاري گھڻي ٿي ٿِي، جتي هيٺانهن ماڳن جي نسبت هوا جو داٻ گھٽ هوندو آهي. ٻاڦڪاريءَ لاءِ توانائي، جهڙوڪ تيز اُسَ پڻ گھربل آهي. جيڪڏهن مون کي ڌرتيءَ تي اهڙي جاءِ ڳولڻي هجي جتي ٻاڦڪاري گھڻي ٿيندي هجي ته آئون ڪوهه ايوريسٽ جو ڏاکڻو پاسو چونڊيندس. هلڪو گرمي پَدُ، زوردار واءُ، تيز اُسَ، هوا جو تمام ٿورو داٻ – ٻاڦڪاري عمل ۾ آڻڻ جِي بلڪل تيار ترڪيب.

ٻاڦڪاري ۽ چينـُوڪ واوَ

ڪوهه واشڱٽن مشاهديگاهه سان واسطو رکندڙ ماهر ڊيوِ ٿرلو موسمياتي نوٽ بڪ ۾ ٻاڦڪاريءَ جي سٺي وضاحت ڪري ٿو:

امڙ فطرت وٽ ڳڱ جي تازي چادر کان جند ڇڏائڻ جا هڪ کان وڌيڪ طريقا آهن. سڀ کان عام طريقو رجائڻ آهي، جيڪو هر ڪنهن کي ڳڱريج slush ، گپ ۽ پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ جو مزو ميسر ڪري ٿو. پر الهندي آمريڪا ۾ چينُوڪ، يعني ڳڱخور نالي واُوَ لڳندا آهن، جيڪي ڳڱ کي رجڻ جو موقعو ڏيڻ کان اڳ ئي سِڌو اٻاري ڇڏيندا آهن. چينُوڪ واوَ پيسفڪ جي الهندي کان ايندي جڏهن پٿريلن جبلن تي پهچندا آهن، تڏهن سندن اُٻَ يا گھمَ ڇڄي پوندي آهي. جبلن کان هيٺ لهندي بلند ميدانن تي پهچڻ کان پوءِ اهي واوَ انتهائي خشڪ ۽ 60 کان 70 درجا فارنهائيٽ يعني 15 درجا سينٽيگريڊ کان ڪوسڙا هوندا آهن؛ جڏهن ته سندن نسبتي گھم 10 سيڪڙو يا اڃا گھٽ هوندي آهي. هوا ايتري ته خشڪ هوندي آهي جو ڳڱ يا برفاني ذخيرن سان ٽڪرائجڻ شرط ڄميل پاڻي اٻارجي برف مان سڌو اُٻَ ٿي ويندو آهي. ان کي ٻاڦڪاري چئبو آهي، ۽ خشڪ اولهه ۾ اهو ڳڱ غائب ٿيڻ جو عام طريقو آهي.

تپش کان سواءِ ٻاڦڻ ناممڪن

تپ توانائي ڏيڻ کان سواءِ برف کي اُٻَ ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگھجي. اتي ئي فطرت ۾ اُسَ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. پاڻيءَ کي “اُٻسازيءَ جي گرمي” نالي هڪ طبعي خاصيت آهي، يعني اها گرمي جيڪا پاڻيءَ کي اُٻارڻ لاءِ درڪار ٿي ٿي. جيڪڏهن توهان کي تُز انگ اکر گھرجن ته پوءِ ٻُڌو، پاڻيءَ کي اُٻارڻ لاءِ 540 ڪيلوريون في گرام يا 2260 ڪلوجُول في ڪلوگرام گھربل ٿين ٿا. اها پاڻيءَ کي برف ڪرڻ لاءِ گھربل توانائي (پٽڙائڻ جي لڪل گرمي) يعني 80 ڪيلوريون في گرام کان ڪيترا ئي دفعا وڌيڪ آهي. اها ان کان به پنجوڻي آهي جيڪا پاڻيءَ کي ڄمڻ پد کان ٽهڪڻ پد تائين گرمائڻ لاءِ درڪار ٿي ٿي. مختصراً، برف جي ٻاڦڪاريءَ لاءِ درڪار توانائي، اُٻسازيءَ لاءِ گھربل توانائي ۽ پٽڙائڻ جي لڪل گرميءَ جِي جوڙ اُپتَ آهي.

ٻاڦڪاريءَ لاءِ درڪار توانائي       =     اُٻَسازِي لاءِ گھربل توانائي     +   پٽڙائڻ جي لڪل گرمي

 ذريعا ۽ وڌيڪ معلومات

 موسمياتي نوٽ بڪ، ڪوهه واشڱٽن مشاهديگاهه

 ٻاڦڪاري، وڪيپيڊيا، کليل ڄاڻ چيڪلو

 خشڪ برفَ، وڪيپيڊيا، کليل ڄاڻ چيڪلو


ٿورا

ھيءُ سنڌي ترجمو اوسر پيڙھڪا پاران جناب احسان احمد عرساڻيءَ ميسر ڪري ڏنوآھي

Sindhi translation has been provided by Mr. Ahsan Ahmad Ursani on behalf of Osar Foundation


ڪنهن هڪ آبي چڪر موضوع جي چونڊ ڪريو
الف – برف ۽ ڳڱ ۾ آبي ذخيرو
ب – وسڪار
ٻ – دريائن ڏانهن ويندڙ ڳڱڻياٺ
ڀ – چُھَھ (درڇاڻڪاري)
ت – جر اخراج
ٿ – جرگاھھ
ٽ – سمنڊن جو آبي ذخيرو
ٺ – اٻڪاري
ث – ٺالاءُ
پ – فضا ۾ موجود پاڻي
ج – اٻڪبدلتڳاءُ
ڄ – نئين آب
جھه – دريائي وهڪرا
ڃ – چشما
چ – تازو پاڻي ذخيرو
ڇ – ٻاڦڪاري
سمنڊن جو آبي ذخيرو اٻڪاري The water-cycle home page

Accessibility FOIA Privacy Policies and Notices

Take Pride in America logo USA.gov logo U.S. Department of the Interior | U.S. Geological Survey
URL: http://water.usgs.gov/edu/languages/sindhi/watercycle-sublimation.html
Page Contact Information: Howard Perlman
Page Last Modified: Monday, 28-Nov-2016 13:34:25 EST