USGS - science for a changing world

آبي چڪر (The Water Cycle, Sindhi)

آبي چڪر (Diagram of the water cycle).
Illustration by John M. Evans, Howard Perlman, USGS

A page-size diagram for printing ڇاپڻ لاءِ صفحي جيڏو خاڪو.


آبي چڪر

آبي چڪر ڇا آھي؟ آئون ان جو جواب با آساني ڏئي سگھان ٿو اھو "آئون" ئي آھيان ھميشھ! آبي چڪر اسان کي ڌرتيءَ تي، ۾ ۽ مٿان پاڻيءَ جو وجود ۽ چُرپُر سمجھائي ٿو. ڌرتيءَ جو پاڻي ھميشھ چرپر ۾ رھي ٿو ۽ ھر وقت پنھنجي صورت مَٽائيندو رھي ٿو؛ پٽڙي کان برفَ ، ٻاڦَ، ۽ پوءِ واپس پٽڙو. آبي چڪر اربن سالن کان ھلندو اچي ۽ ڌرتيءَ تي سموري حيات ۽ جيوت جو جاري ساري رھڻ ان تي ئي دارومدار رکي ٿو. پاڻيءَ کان سواءِ ڌرتي رھڻ لائق نھ ھجي ھئا.

ڌرتيءَ جو سمورو پاڻي آيو ڪٿان؟ آڳاٽي نئين ڄاول ڌرتي لاويدار مادي يعني ڌرڳوهه "magma" جو ٺهيل ٻرندڙ ڌرگولو "globe" هئي، پر سمورين ڌرڳوهُن ۾ به پاڻي موجود آهي. ڌرڳوهُن مان ٻاهر نڪري آيل پاڻي ڌرتيءَ جي فضا کي اوستائين ٺاريندو رهيو جيستائين اهو مٿاڇري تي پٽڙي صورت ۾ نه ٿي رهي سگھيو. ٻرجابلو "volcanic" سرگرمي ڌرتيءَ جي فضا ۾ پاڻي آڻيندي رهي آهي ۽ اڃا به آڻيندي رهي ٿي، جنهن سان ڌرتيءَ جي مٿاڇراتي ۽ زير زمين پاڻيءَ جو مقدار وڌندو رهي ٿو.

آبي چڪر جو مختصر تَتُ

ھتي آبي چڪر جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو. ھن جز ليک (پيراگراف) ۾ ڏنل ڳَنڍڻا Links اوھان کي ملحڪھ موضوع تي تفصيلي ڄاڻَ رکندڙ صفحي ڏانھن وٺي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ھر موضوع جو نسبتاً مختصر تعارف ھن ئي صفحي تي اڃا ھيٺ ڏنل آھي.

آبي چڪر کي ڪو بھ شروعاتي يا آغازي نُڪتو نھ آھي. پر پاڻَ سمنڊَن Oceans کان شروع ڪنداسين، ڇاڪاڻ تھ ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو گھڻي کان گھڻو مقدار انھن ۾ ئي سمايل آھي. آبي چڪر جو محرڪ سِجُ آھي، جيڪو سمنڊَ جي پاڻيءَ کي گرمائي ٿو. گرمائش سبب پاڻيءَ جو ڪجھھ حصو اُٻارجِي وڃي ٿو Evaporates ۽ اُٻَ جِي صورتَ اختيار ڪري ھوا ۾ شامل ٿِي وڃي ٿو. برفَ Ice ۽ ڳڱ Snow سڌو سنئون اُٻَ ۾ ٻاڦجِي سگھي ٿِي. ھوا جون مٿي ويندڙ ٿپڪيون اھڙي اُٻَ کي مٿي فضا ۾ وٺِي وڃن ٿيون. ان سان گڏ اھو پاڻي بھ مٿي وڃي ٿو، جيڪو اُٻَڪبدل تڳاءُ جي عمل ذريعي ٻوٽن مان بدل تَڳِجِي ۽ مِٽيءَ مان اُٻارجِي نڪري ٿو. اُٻَ ھوا ۾ مٿي کڄي وڃي ٿِي، جتي جو ٿڌڙو گرمي پَدُ اُٻَ کي ٺالي ڪڪر ڪري ڇڏي ٿو. ھوا جا وھڪرا ڪڪرن کي سڄي ارض ۾ گھُمائين ٿا. ڪڪرن جا ذرڙات پاڻَ ۾ ٽڪرائجي گڏجن ٿا، ايئن وڏا ٿين ٿا ۽ وسڪارَ جِي صورتَ ۾ آسمانَ تان ڪِرَن ٿا. ڪجھھ وسڪارَ ڳڱ snow جِي صورتَ ۾ ھيٺ ڪِرندي آھي، جيڪا بَرفانِي بَرَن ۽ برفاني ٽَڪَرَن جِي صورتَ ۾ گڏ ٿيندي آھي، جيڪي ڄميل پاڻيءَ جي انَ ذخيري کي ھزارن سالن تائين سانڍي سگھن ٿا. بَھارَ جِي مُندَ اَچڻَ بعد نسبتاً گرم آبھوا ۾ اھي برفاني ذخيرا رجڻ ۽ ڳرڻ لڳندا آھن ۽ اھو رجيل پاڻي ڳڱڻياٺ جِي صورتَ ۾ زمين تي وھڻ لڳندو آھي. وسڪارَ جو اڪثر حصو واپس سمنڊَ ۾ ويندو ھليو آھي، جڏھن تھ باقي حصو خُشڪِيءَ تي ڪِرندو آھي ۽ ثقلي ڪشش سبب زمين تي (سطحي يا مٿاڇراتي) نئين آب جِي صورتَ ۾ وھندو آھي. انھن نئيُن جو ھڪڙو حصو دريائن ۾ داخل ٿِي ويندو آھي، جنھن جو وھڪرو پاڻيءَ کي سمنڊَ طرف وٺي ويندو آھي. نئين جو پاڻي ۽ جَرَ (زير زمين پاڻي) جو سيمو ڍنڍُن اندر تازي پاڻيءَ جي صورتَ ۾ گڏ ٿي ٿو. مگر سڄو جو سڄو نئين آب دريائن ۾ نھ ٿو وڃي. ان جو وڏو ڀاڱو زمين چُھِي وڃي ٿِي، جنھن کي چُھَھ يا دَرڇاڻڪاري چئجي ٿو. ڪجھھ پاڻي چھجِي يعني درڇاڻجِي اونھائيءَ ۾ ھليو ويندو آھي جتي اھو جَرگاھن (پاڻيءَ سان تَر ٿيل زير زمين سطح) کي ڀري ٿو، جيڪي تازي پاڻيءَ کي تمام وڏي مقدار ۾ ۽ تمام ڊگھي عرصي لاءِ سانڍي سگھن ٿا. ڪجھھ جَر ُ مٿاڇري کي ويجھو رھي ٿو، جيڪو سيمو ڪري واپس مٿاڇري تي موجود آبگاھن (۽ سمنڊ) ۾ ھليو وڃي ٿو، جنھن عمل کي جَر اِخراجُ چئجي ٿو؛ ۽ ڪجھھ جر ُ وري چشمي جِي شڪل ۾ خُشڪِيءَ تي تازي پاڻيءَ جو ڦُوھارو ٿِي نڪري ايندو آھي. بھر حال، وقت ساڻ سمورو پاڻي ھلندو ھلندو ڪنھن نھ ڪنھن ريت سمنڊَ ۾ داخل ٿِي وڃي ٿو، جتي آبي چڪر پُورو ٿي ٿو......... اڙي منھنجو مطلب تھ شروع ٿي ٿو.

آبي چڪر جا جُزا

يُو ايس ڀون ڀياسِي سروي (US Geological Survey-USGS) آبِي چڪر کي ھيٺيَن 16 جُزن ۾ ورھائي ٿِي.

  سمنڊَن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو
   اٻڪاري
   ٻاڦڪاري
   اُٻَڪبدل تڳاءُ
   فضا جو پاڻي
   ٺالاءُ
   وسڪارَ
   برف ۽ ڳڱ ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو
   دريائن ڏانھن ويندڙ ڳڱڻياٺ
  نئين آب
  دريائي وھڪرو
  تازي پاڻيءَ جو ذخيرو
  چُھَھ (درڇاڻڪاري)
  جرگاھھ
  جر اخراج
  چشما

ساگرن منجھه پاڻيءَ جا ذخيرا: ساگرن، سمنڊن ۽ اُپسمنڊن ۾ موجود کارو پاڻي

ساگر بطور آبي ذخيرو

Picture of an ocean. لفظ آبي چڪرمان ايئن ٿو محسوس ٿي ته اهو ڌرتيءَ تي، ۾، ۽ مٿان پاڻيءَ جي چرپر بابت آهي. حقيقيت به ايئن ئي آهي. پر در اصل، جيترو پاڻي ان چڪر ۾ حرڪت ڪري رهيو آهي، ان کان گھڻو وڌيڪ پاڻي تمام ڊگھن عرصن لاءِ ذخيرو ٿيل آهي. ڌرتيءَ تي موجود پاڻيءَ جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا ساگر آهن، جن ۾ ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو تمام وڏو اڪثريتي حصو سانڍيل آهي. هڪ اندازي مطابق ڌرتيءَ تي موجود پاڻيءَ جو ڪل مقدار 33 ڪروڙ 25 لک ڪعبي ميل يا 1 ارب 38 ڪروڙ 60 لک ڪعبي ڪلوميٽر آهي، جنهنجو 96.5 سيڪڙو، يعني ته اٽڪل 32 ڪروڙ 10 لک ڪعبي ميل يا 1 ارب 33 ڪروڙ 80 لک ڪعبي ڪلوميٽر ساگرن ۾ ذخيرو ٿيل آهي. اهو اندازو پڻ لڳايو ويو آهي ته آبي چڪر ۾ موجود پاڻيءَ جو 90 سيڪڙو اٻڪاريءَ ذريعي ساگرن مان ملي ٿو.

ٿڌڙن آبهوائي عرصن (ٿڌيءَ) دوران وڌيڪ برفي تهه ۽ برفال (برفاني جبل) Glacier ٺهندا آهن، ۽ ڪل ارضياتي پاڻيءَ جو ايترو ته ڀاڱو برف جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي جو آبي چڪر جي ٻين حصن ۾ پاڻي چڱو گھٽجي ويندو آهي. جڏهن ته نسبتاً گرم آبهوائي عرصن (تتيءَ) ۾ صورتحال ان جي ابتڙ هوندي آهي. پوئين برفاني دور ۾ ڌرتيءَ جي ڪل خشڪ ايراضيءَ جو ٽيون ڀاڱو برفالن سان ڍڪيل هو، جنهن ڪري سامونڊي مٿاڇرا پنهنجي اڄوڪي سطح کان 400 فوٽ يعني 122 ميٽر هيٺ هئا. پوئين ارضياتي تتيءَ warm spell دوران، يعني اٽڪل 1 لک 25 هزار سال اڳ، سامونڊي مٿاڇرا پنهنجي اڄوڪي سطح کان لڳ ڀڳ 18 فوٽ (5.5 ميٽر) مٿي يعني اُوچا هئا. اڄ کان 30 لک سال اڳ سامونڊي مٿاڇرا پنهنجي اڄوڪي سطح کان 165 فوٽ (50 ميٽر) اُوچا هوندا.

ساگر حرڪت ۾

جيڪڏهن توهان سمنڊ بيزار seasick يا هانوَ ڪچا رهيا آهيو (اسين اميد ٿا ڪريون ته نه) ته توهان کي چڱيءَ ريت خبر هوندي ته سمنڊ ڪڏهن به ماٺو نه هوندو آهي. توهان اهو سمجھندا هوندا ته سامونڊي پاڻيءَ کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ منتقل ڪرڻ واريون ويرون ئي آهن، جن کي واچُون (تيز سامونڊي هوائون) تحرڪ وٺائين ٿيون. پر، در حقيقت، ساگرن منجھه واهه ۽ درياءَ به آهن جيڪي پاڻيءَ جا تمام وڏا مقدار هڪ کان ٻي جاءِ پهچائين ٿا. پاڻيءَ جي اهڙي چرپر جا آبي چڪر تي گهرا اثر پون ٿا. ڪُوروشيو واهه اهڙو وڏي ۾ وڏو وهڪرو آهي جيڪو جاپاني ساحلن ڀرسان لنگھي ٿو. اهو 25 کان 75 ميل (40 کان 121 ڪلوميٽر) في ڏينهن، يعني 1 کان 3 ميل (1.4 کان 4.8 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان پاڻيءَ کي چوري سگھي ٿو ۽ اهو ڪي 3300 فوٽ (1 ڪلوميٽر) اُونهو آهي. نار وهڪرو ايٽلانٽڪ ساگر منجھه هلڪي گرم پاڻيءَ جو مشهور درياءُ آهي، جيڪو ميڪسيڪو جي نار کان برطانيه ڏانهن پاڻي کڻي وڃي ٿو. 60 ميل (97 ڪلوميٽر) في ڏينهن جي رفتار سان هلندي، نار وهڪرو دنيا جي مڙني دريائن، ندين، ۽ نئيُن کان 100 ڀيرا وڌيڪ پاڻي چوري ٿو. گرم آبهوا کان ايندي، نار وهڪرو اتر ايٽلانٽڪ تي ڪوسڙو پاڻي پهچائي ٿو.

ساگرن منجھه آبي ذخيرن بابت مڪمل تفصيل پڙهو


اُٻَڪارِي: اهو عمل جنهن سان پاڻي پٽڙي حالت مان گيسي حالت يا اُٻَ جي صورتَ اختيار ڪري ٿو

اُٻَڪارِي ۽ ان جا ڪارڻَ

اٻڪاري اهو عمل آهي جنهن سان پاڻي پنهنجي پٽڙي حالت ڇڏي اُٻَ واري يعني گيسي حالت اختيار ڪري ٿو. پاڻيءَ کي پٽڙي حالت مان ڪڍي فضائي اٻ جي صورت ڏئي آبي چڪر ۾ آڻڻ جو اهم ترين رستو اٻڪاري آهي. تحقيق ٻڌائي ٿي ته فضا ۾ موجود نميءَ جو 90 سيڪڙو اٻڪاريءَ ذريعي ساگر، سمنڊ، ڍنڍون يا درياءَ ميسر ڪري ڏين ٿا، جڏهن ته باقي 10 سيڪڙو بدل تڳاءَ transpiration ذريعي ٻوٽن مان ملي ٿو.

آبي چڪر کي اٻڪاري هلائي ٿي

آبي چڪر جو مٿاڇري-کان-فضا وارو حصو بنيادي طور ساگرن مان ٿيندڙ اٻڪاريءَ تي آڌاريل آهي. نيٺ به اها وسيع سامونڊي پکيڙ آهي (ڌرتيءَ جو 70 سيڪڙو مٿاڇرو سمنڊن ۽ ساگرن سان ڍڪيل آهي) جيڪا ايڏي وڏي پيماني تي ٿيندڙ اٻڪاريءَ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ارضياتي پيماني تي جيترو پاڻي اٻجي ٿو، اوترو ئي پاڻي وسڪارَ جي صورت ۾ ڌرتيءَ کي ملي ٿو. البت صورتحال جاءِ جاءِ تي مختلف آهي. ساگرن مٿان وسڪارَ جي نسبت اٻڪاري گھڻي ٿي ٿِي، جڏهن ته خشڪيءَ تي وري عموماً اٻڪاريءَ کان گھڻي وسڪارَ ٿي ٿِي. ساگرن مان جيڪو پاڻي اٻجي ٿو، تنهن جو 90 سيڪڙو وسڪارَ جي صورت ۾ واپس وڃي ساگرن ۾ ئي پوي ٿو. ساگرن مان اٻيل پاڻيءَ جو رڳو 10 سيڪڙو وسڪارَ جي صورت ۾ خشڪيءَ تي ڪِري ٿو. ڪو آبي پرماڻو هڪ دفعو اٻجڻ کان پوءِ 10 ڏينهن هوا ۾ گذاريندو آهي. اٻڪاريءَ جو عمل ايترو ته شديد آهي جو وسڪارَ ۽ آبگاهن مان اخراج نه هجي ته سمنڊ خالي ٿي وڃن.

 اٻڪاريءَ بابت مڪمل تفصيل پڙهو


فضا جو پاڻي

Clouds. ڌرتيءَ تي، ۾، ۽ مٿان پاڻيءَ جي چرپر توڙي مختلف ذخيرن ۾ پاڻيءَ جو گڏ ٿيڻ ئي آبي چڪر آهي. جيتوڻيڪ فضا، پاڻيءَ جو ڪو تمام وڏو ذخيرو ته ناهي پر اها اهڙو سُپر هاءِ وي آهي جنهن ذريعي پاڻي سڄي ارض ۾ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ منتقل ٿي ٿو. فضا اندر پاڻي هميشه موجود رهي ٿو. فضا اندر پاڻيءَ جي واضح موجودگيءَ جو سڀ کان سٺو مثال يقيناَ ڪڪر آهن پر ويندي صاف چِٽِي هوا ۾ به پاڻي موجود آهي اهڙا آبي ذرڙا جيڪي ڏسجڻ کان هيڪاندا ننڍڙا آهن. فضا اندر هڪ ئي وقت موجود پاڻيءَ جي مقدار جو هڪڙو اندازو 3100 ڪعبي ميل يعني 12900 ڪعبي ڪلوميٽر آهي. اهو تمام گھڻو ٿو لڳي، پر حقيقر ۾ اهو ڌرتيءَ تي موجود پاڻيءَ جي ڪل مقدار جو 0.001 سيڪڙو آهي. جيڪڏهن سمورو فضائي پاڻي يڪدم وسي پوي ته به اهو خشڪيءَ کي 2.5 سينٽي ميٽر يعني هڪڙو انچ ئي ٻوڙيندو.


ٻاڦَڪارِي: ڳڱ يا برف جو وگھرڻ کان سواءِ ئي ٻاڦَ ٿِي وڃڻ

آبي چڪر جو مطالعو ڪندڙن لاءِ، ٻاڦڪاري اهو عمل آهي جنهن سان برف يا ڳڱ پٽڙي حالت ۾ وڃڻ بنا يعني پاڻي ٿيڻ کان سواءِ ئي هوا جي اُٻَ ٿي وڃي. ٻاڦڪاريءَ جو ضد "" ڳڱڪاري "deposition" آهي، جنهن تحت آبي اُٻَ پنهنجي حالت مٽائي برف ٿيو وڃي جيئن ڳَڱَ پاپڙيون ۽ يخ.

دراصل ٻاڦڪاري ٿيندي ڏسڻ آسان ناهي، گھٽ ۾ گھٽ برف جي ته بلڪل به نه! ٻاڦڪاريءَ جا نتيجا ڏسڻ جو هڪڙو طريقو اهو آهي ته هڪ آلي قميص کڻي سڪائڻ لاءِ ان ڏينهن ٻاهر ٽنگجي جڏهن گرمي پد ڄمڻ پد کان به گھٽ هجي. نيٺ قميص جي برف غائب ٿِي وِيندي. اصل ۾، ٻاڦڪاري ٿيندي ڏسڻ جو بهترين طريقو اهو آهي جو پاڻي بلڪل به استعمال نه ڪجي، بلڪه پاڻيءَ بدران ڏون آڪسيوَر ڪاربان استعمال ڪجي، جيئن هن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. "خشڪ برف" نهري حالت ۾ ڄميل ڏون آڪسيوَر ڪاربان آهي، جيڪا ڪاٽو 78.5 درجا سينٽيگريڊ (ڪاٽو 109.3 درجا فارنهائيٽ) جيتري گرمي پد تي ٻاڦجي ٿِي، يعني گيس ٿِي وڃي ٿِي. هن تصوير ۾ ڏسجندڙ ڌنڌ ٿڌي ڏون آڪسيوَر ڪاربان ۽ ٿڌي، گھميل هوا جو گڏوچڙ آهي، جيڪو خشڪ برف جي ٻاڦجڻ سان ٺهي ٿو.

ڪي موسمياتي حالتون، جهڙوڪ ٿوري نسبتي گھمَ ۽ خشڪ واءُ، ٻاڦڪاريءَ لاءِ تمام موزون ٿين ٿيون. بلند ماڳن تي پڻ ٻاڦڪاري گھڻي ٿي ٿِي، جتي هيٺانهن ماڳن جي نسبت هوا جو داٻ گھٽ هوندو آهي. ٻاڦڪاريءَ لاءِ توانائي، جهڙوڪ تيز اُسَ پڻ گھربل آهي. جيڪڏهن مون کي ڌرتيءَ تي اهڙي جاءِ ڳولڻي هجي جتي ٻاڦڪاري گھڻي ٿيندي هجي ته آئون ڪوهه ايوريسٽ جو ڏاکڻو پاسو چونڊيندس. هلڪو گرمي پَدُ، زوردار واءُ، تيز اُسَ، هوا جو تمام ٿورو داٻُ بلڪل اهو ئي جيڪو ٻاڦڪاري عمل ۾ آڻڻ لاءِ گھرجي.

ٻاڦڪاريءَ جو مڪمل تفصيل پڙهو


Illustration by John M. Evans, Howard Perlman, USGS
Sindhi translation has been provided by Mr. Ahsan Ahmad Ursani on behalf of Osar Foundation
ھيءُ سنڌي ترجمو اوسر پيڙھڪا پاران جناب احسان احمد عرساڻيءَ ميسر ڪري ڏنوآھي

Water Cycle Home Water Science for Schools Water Resources USGS Home


Accessibility FOIA Privacy Policies and Notices

Take Pride in America logo USA.gov logo U.S. Department of the Interior | U.S. Geological Survey
URL: http://water.usgs.gov/edu/watercyclesindhi.html
Page Contact Information: Howard Perlman
Page Last Modified: Monday, 17-Mar-2014 11:04:21 EDT

اٻڪاريءَ بابت سمنڊَن آبي چڪر:
ٻاڦڪاري فضا ۾
پاڻيءَ جو
ذخيرو